50 Social Studies Mcqs for IBA test

0

 سوال 51 :موسم ڇا کي چئجي ٿو؟

جواب : ماحولياتي حالتن جي تبديلي جهڙوڪ: گرمي_پد، گهم، هوائون ۽ مي نهن پوڻ کي موسم چئجي ٿو.

سوال 52 :آبهوا ڇا کي چئجي ٿو؟

جواب : ڪنهن هنڌ جي سراسري موسمي حالتن کي آبهوا چئجي ٿو.

سوال 53 :ڌرتي جي جنهن ڀاڱي تي سج جا ڪرڻا سڌا پون ان کي ڇا چئجي ٿو؟

جواب : خط استوائي ڀاڱو.

سوال 54 :سنڌ جو ڪهڙو شهر سامونڊي ڪناري تي آباد آهي؟

جواب : ڪراچي.

سوال 55 :اي.ڊي D.A ڇا جو مخفف آهي ۽ ان جي معنى ڇا آهي؟

جواب : اينوڊوميني Domini Anno جو مخفف آهي جنهن جي معنى آهي ”اسان جي آقا جي سال ۾ .

سوال 56 :بي.سي C.B ڇا جو مخفف آهي ۽ ان جي معنى ڇا آهي؟

جواب : بِفور ڪرسٽ Christ Before جنهن جي معنى آهي “قبل مسيح“.

سوال 57 :راجا اشوڪ ڪڏهن ڄائو؟

جواب : 269 قبل مسيح ۾.

سوال 58 :سر سيد احمد خان ڪڏهن ڄائو؟

جواب : 1817ع ۾

سوال 59 :ليپ ييئر ۾ ڪيترا ڏينهن ٿيندا آهن؟

جواب : 366 ڏينهن. ڇو ته ان ۾ فيبروري مهينو 29 ڏينهن جو ٿيندو آهي.

سوال 60 :سنڌ ۾ گھڻا ضلعا آھن ؟

جواب: 30

سوال 61 :آزاديء واري جنگ ڪڏهن لڳي؟

جواب : 1857ع تي.

سوال 62 :انڊين نيشنل ڪانگريس ڪڏهن ٺهي ۽ ڪنهن ٺاهي؟

جواب : 1885ع تي. مسٽر اي.او هيوم ٺاهي.

سوال 63 :آل انڊيا مسلم ليگ ڪهڙي سن ۾ ٺاهي ۽ ڪنهن ٺاهي؟

جواب : 1906ع ۾ نواب سليم الله ٺاهي.

ُ سوال 64 :پاڪستان جو ٺهراء ڪڏهن پاس ٿيو؟

جواب : 23 مارچ 1940ع تي.

سوال 65 :محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج جو بنياد ڪنهن وڌو؟

جواب : سر سيد احمد خان.

سوال 66 :محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڪڏهن مليو؟

جواب : 1920ع تي.

سوال 67 :بنگال جو ورهاڱو ڪڏهن ٿيو؟

جواب : 1905ع تي.

سوال 68 :بنگال جي انتظامي تقسيم ڪڏهن ختم ڪري وري ان کي ملايو ويو؟

جواب : 1933ع ۾.

سوال 69 :قائد اعظم مسلم ليگ جو ميمبر ڪڏهن ٿيو؟

جواب : 1913ع ۾.

سوال 70 :پهرين مهاڀاري لڙائي ڪڏهن لڳي ۽ ڪڏهن ختم ٿي؟

جواب : 1914ع ۾ لڳي ۽ 1919ع ۾ ختم ٿي.

سوال 71 :ٻي مهاڀاري لڙائي ڪڏهن لڳي ۽ ڪڏهن ختم ٿي؟

جواب : 1939ع ۾ لڳي ۽ 1945ع ۾ ختم ٿي

سوال 72 :مسلمانن ڇوٽڪاري جو ڏينهن ڪڏهن ملهايو؟

جواب : 22 ڊسمبر 1939ع تي.

سوال 73 :لکنئو ٺاه ڪڏهن ٿيو؟

جواب : 1916ع تي.

سوال 74 :نهرو رپورٽ جي موٽ ۾ قائداعظم پنهنجا چوڏهن نقطا ڪڏهن پيش ڪيا؟

جواب : 1929ع ۾.

سوال 75 :گول ميز ڪانفرنسون ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيون؟

جواب : 1930ع کان 1933ع تائين لنڊن ۾ ٿيون.

سوال 76 :پهريون ڀيرو ڌار مسلم رياست جو سڏ ڪنهن ڏنو؟

جواب : علامه اقبال 1930ع تي الھ آباد جلسي ۾.

سوال 77 :اردو پاڪستان جي قومي ٻولي ڪڏهن بڻي؟

جواب : 1948ع ۾.

سوال 78 :پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ پهرين جنگ ڪشمير جي مسئلي تان ڪڏهن لڳي ؟

جواب : 1948ع ۾.

سوال 79 :قائد اعظم محمد علي جناح ڪڏهن ڄائو ۽ ڪڏهن وفات ڪيائين؟

جواب : 25 ڊسمبر 1876ع تي ڄائو ۽ 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪيائين.

سوال 80 :آمريڪا جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي مٿان ائٽم بم ڪڏهن اڇليا؟

جواب : 1945ع ۾.

سوال 81 :پهريون ڪمپيوٽر ڪڏهن ايجاد ٿيو؟

جواب : 1949ع ۾.

سوال 82 :پهرين رنگين ٽي.وي ڪڏهن ايجاد ٿي؟

جواب : 1951ع ۾.

سوال 83 :پاڪستان جي پهرئين وزي اعظم لياقت علي خان کي ڪڏهن قتل ڪيو ويو؟

جواب : 16 آڪٽوبر 1951ع تي.

سوال 84 :پوليو جي وئڪسين ڪڏهن تيار ڪئي وئي؟

جواب : 1952ع ۾.ايڊورڊ ساڪ نالي هڪ آمريڪي سائنسدان

سوال 85 :ايوب خان ملڪ ۾ پهرين مارشل لا ڪڏهن لڳائي؟

جواب : 1958ع ۾.

سوال 86 :روس خال ۾ اسپيوٽنڪ سيارو ڪڏهن موڪليو؟

جواب : 4 آڪٽوبر 1957ع ۾.

سوال 87 :پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ سنڌو درياه جي پاڻي جي ورڇ لاء انڊس واٽر ٽريٽي تي صحيحون

ڪڏهن ڪيون ويون؟

جواب: 19 سيپٽمبر 1960ع ۾ نهرو ۽ ايوب خان صحيحون ڪيون.

سوال 88 :ڪشمير جي مسئلي تان انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻي لڙائي ڪڏهن لڳي؟

جواب : 6 سيپٽمبر 1965ع تي.

سوال 89 :برلن جي ديوار ڪهڙي سال ۾ ٺاهي وئي ۽ ڪهڙي سال ۾ ان کي ڊاٺو ويو؟

جواب : 1961ع ۾ ٺاهي وئي ۽ 1990ع ۾ ان کي ڊاٺو ويو.

سوال 90 :پهرين خلاباز خاتون جو نالو ٻڌايو؟

جواب : ويلنٽينا ٽيريشخوف 1963ع ۾ خال ۾ سفر ڪيو.

سوال 91 :سڀ کان پهرين چنڊ تي قدم رکڻ وارو انسان ڪير آهي؟

جواب : نيل آرم اسٽرانگ 1969ع ۾.

سوال 92 :پاڪستان ۾ پهريون عام چونڊون ڪڏهن ٿيون؟

جواب : 1970ع ۾.

سوال 93 :اوڀر پاڪستان بنگالديش جي نالي سان ڪڏهن وجود ۾ آيو؟

جواب ۡ 16 ڊسمبر 1971ع تي.

سوال 94 :برطانيه جي پهرين عورت وزير اعظم ڪير ٿي هئي؟

جواب : مارگريٽ ٿيچر 1979ع ۾

سوال 95 :ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو چوٿون صدر ڪڏهن ٿيو؟

جواب : 1971ع ۾.

سوال 96 :پاڪستان جو هاڻوڪو آئين ڪڏهن رائج ٿيو؟

جواب : 14 آگسٽ 1973ع تي.

سوال 97 :ضياء الحق هوائي جهاز جي حادثي ۾ ڪڏهن مارجي ويو؟

جواب : 1988ع ۾.

سوال 98 :اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم ڪير ٿي؟

جواب : بينظير ڀٽو.

سوال 99 :پاڪستان ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪڏهن ۽ ڪنهن جي ڪپتاني ۾ کٽيو؟

جواب : 1992ع ۾ عمران خان جي ڪپتانيء ۾ کٽيو.

سوال 100 :نيلسن منڊيال 27 سال جيل ۾ قيد رهڻ کانپو ِء ڏکڻ آفريڪا جو پهريون صدر ڪڏهن ٿيو؟

جواب : 1994ع ۾.


Post a Comment

0 Comments
Post a Comment (0)
To Top