سوال 51 :موسم ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : ماحولياتي حالتن جي تبديلي جهڙوڪ: گرمي_پد، گهم، هوائون ۽ مي نهن پوڻ کي موسم چئجي ٿو.
سوال 52 :آبهوا ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : ڪنهن هنڌ جي سراسري موسمي حالتن کي آبهوا چئجي ٿو.
سوال 53 :ڌرتي جي جنهن ڀاڱي تي سج جا ڪرڻا سڌا پون ان کي ڇا چئجي ٿو؟
جواب : خط استوائي ڀاڱو.
سوال 54 :سنڌ جو ڪهڙو شهر سامونڊي ڪناري تي آباد آهي؟
جواب : ڪراچي.
سوال 55 :اي.ڊي D.A ڇا جو مخفف آهي ۽ ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب : اينوڊوميني Domini Anno جو مخفف آهي جنهن جي معنى آهي ”اسان جي آقا جي سال ۾ .
سوال 56 :بي.سي C.B ڇا جو مخفف آهي ۽ ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب : بِفور ڪرسٽ Christ Before جنهن جي معنى آهي “قبل مسيح“.
سوال 57 :راجا اشوڪ ڪڏهن ڄائو؟
جواب : 269 قبل مسيح ۾.
سوال 58 :سر سيد احمد خان ڪڏهن ڄائو؟
جواب : 1817ع ۾
سوال 59 :ليپ ييئر ۾ ڪيترا ڏينهن ٿيندا آهن؟
جواب : 366 ڏينهن. ڇو ته ان ۾ فيبروري مهينو 29 ڏينهن جو ٿيندو آهي.
سوال 60 :سنڌ ۾ گھڻا ضلعا آھن ؟
جواب: 30
سوال 61 :آزاديء واري جنگ ڪڏهن لڳي؟
جواب : 1857ع تي.
سوال 62 :انڊين نيشنل ڪانگريس ڪڏهن ٺهي ۽ ڪنهن ٺاهي؟
جواب : 1885ع تي. مسٽر اي.او هيوم ٺاهي.
سوال 63 :آل انڊيا مسلم ليگ ڪهڙي سن ۾ ٺاهي ۽ ڪنهن ٺاهي؟
جواب : 1906ع ۾ نواب سليم الله ٺاهي.
ُ سوال 64 :پاڪستان جو ٺهراء ڪڏهن پاس ٿيو؟
جواب : 23 مارچ 1940ع تي.
سوال 65 :محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج جو بنياد ڪنهن وڌو؟
جواب : سر سيد احمد خان.
سوال 66 :محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڪڏهن مليو؟
جواب : 1920ع تي.
سوال 67 :بنگال جو ورهاڱو ڪڏهن ٿيو؟
جواب : 1905ع تي.
سوال 68 :بنگال جي انتظامي تقسيم ڪڏهن ختم ڪري وري ان کي ملايو ويو؟
جواب : 1933ع ۾.
سوال 69 :قائد اعظم مسلم ليگ جو ميمبر ڪڏهن ٿيو؟
جواب : 1913ع ۾.
سوال 70 :پهرين مهاڀاري لڙائي ڪڏهن لڳي ۽ ڪڏهن ختم ٿي؟
جواب : 1914ع ۾ لڳي ۽ 1919ع ۾ ختم ٿي.
سوال 71 :ٻي مهاڀاري لڙائي ڪڏهن لڳي ۽ ڪڏهن ختم ٿي؟
جواب : 1939ع ۾ لڳي ۽ 1945ع ۾ ختم ٿي
سوال 72 :مسلمانن ڇوٽڪاري جو ڏينهن ڪڏهن ملهايو؟
جواب : 22 ڊسمبر 1939ع تي.
سوال 73 :لکنئو ٺاه ڪڏهن ٿيو؟
جواب : 1916ع تي.
سوال 74 :نهرو رپورٽ جي موٽ ۾ قائداعظم پنهنجا چوڏهن نقطا ڪڏهن پيش ڪيا؟
جواب : 1929ع ۾.
سوال 75 :گول ميز ڪانفرنسون ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيون؟
جواب : 1930ع کان 1933ع تائين لنڊن ۾ ٿيون.
سوال 76 :پهريون ڀيرو ڌار مسلم رياست جو سڏ ڪنهن ڏنو؟
جواب : علامه اقبال 1930ع تي الھ آباد جلسي ۾.
سوال 77 :اردو پاڪستان جي قومي ٻولي ڪڏهن بڻي؟
جواب : 1948ع ۾.
سوال 78 :پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ پهرين جنگ ڪشمير جي مسئلي تان ڪڏهن لڳي ؟
جواب : 1948ع ۾.
سوال 79 :قائد اعظم محمد علي جناح ڪڏهن ڄائو ۽ ڪڏهن وفات ڪيائين؟
جواب : 25 ڊسمبر 1876ع تي ڄائو ۽ 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪيائين.
سوال 80 :آمريڪا جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي مٿان ائٽم بم ڪڏهن اڇليا؟
جواب : 1945ع ۾.
سوال 81 :پهريون ڪمپيوٽر ڪڏهن ايجاد ٿيو؟
جواب : 1949ع ۾.
سوال 82 :پهرين رنگين ٽي.وي ڪڏهن ايجاد ٿي؟
جواب : 1951ع ۾.
سوال 83 :پاڪستان جي پهرئين وزي اعظم لياقت علي خان کي ڪڏهن قتل ڪيو ويو؟
جواب : 16 آڪٽوبر 1951ع تي.
سوال 84 :پوليو جي وئڪسين ڪڏهن تيار ڪئي وئي؟
جواب : 1952ع ۾.ايڊورڊ ساڪ نالي هڪ آمريڪي سائنسدان
سوال 85 :ايوب خان ملڪ ۾ پهرين مارشل لا ڪڏهن لڳائي؟
جواب : 1958ع ۾.
سوال 86 :روس خال ۾ اسپيوٽنڪ سيارو ڪڏهن موڪليو؟
جواب : 4 آڪٽوبر 1957ع ۾.
سوال 87 :پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ سنڌو درياه جي پاڻي جي ورڇ لاء انڊس واٽر ٽريٽي تي صحيحون
ڪڏهن ڪيون ويون؟
جواب: 19 سيپٽمبر 1960ع ۾ نهرو ۽ ايوب خان صحيحون ڪيون.
سوال 88 :ڪشمير جي مسئلي تان انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻي لڙائي ڪڏهن لڳي؟
جواب : 6 سيپٽمبر 1965ع تي.
سوال 89 :برلن جي ديوار ڪهڙي سال ۾ ٺاهي وئي ۽ ڪهڙي سال ۾ ان کي ڊاٺو ويو؟
جواب : 1961ع ۾ ٺاهي وئي ۽ 1990ع ۾ ان کي ڊاٺو ويو.
سوال 90 :پهرين خلاباز خاتون جو نالو ٻڌايو؟
جواب : ويلنٽينا ٽيريشخوف 1963ع ۾ خال ۾ سفر ڪيو.
سوال 91 :سڀ کان پهرين چنڊ تي قدم رکڻ وارو انسان ڪير آهي؟
جواب : نيل آرم اسٽرانگ 1969ع ۾.
سوال 92 :پاڪستان ۾ پهريون عام چونڊون ڪڏهن ٿيون؟
جواب : 1970ع ۾.
سوال 93 :اوڀر پاڪستان بنگالديش جي نالي سان ڪڏهن وجود ۾ آيو؟
جواب ۡ 16 ڊسمبر 1971ع تي.
سوال 94 :برطانيه جي پهرين عورت وزير اعظم ڪير ٿي هئي؟
جواب : مارگريٽ ٿيچر 1979ع ۾
سوال 95 :ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو چوٿون صدر ڪڏهن ٿيو؟
جواب : 1971ع ۾.
سوال 96 :پاڪستان جو هاڻوڪو آئين ڪڏهن رائج ٿيو؟
جواب : 14 آگسٽ 1973ع تي.
سوال 97 :ضياء الحق هوائي جهاز جي حادثي ۾ ڪڏهن مارجي ويو؟
جواب : 1988ع ۾.
سوال 98 :اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم ڪير ٿي؟
جواب : بينظير ڀٽو.
سوال 99 :پاڪستان ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪڏهن ۽ ڪنهن جي ڪپتاني ۾ کٽيو؟
جواب : 1992ع ۾ عمران خان جي ڪپتانيء ۾ کٽيو.
سوال 100 :نيلسن منڊيال 27 سال جيل ۾ قيد رهڻ کانپو ِء ڏکڻ آفريڪا جو پهريون صدر ڪڏهن ٿيو؟
جواب : 1994ع ۾.
سوال 101 :مالال يوسفزئي کي امن جو نوبل انعام ڪڏهن مليو؟
جواب : 2014ع ۾.
سوال 102 :آباديء جي لحاظ کان دنيا جو وڏي مان وڏو ملڪ ڪهڙو آهي؟
جواب : چين.
سوال 103 :چين ۾ ڪهڙي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي؟
ِجواب : رومينڊا
سوال 104 :چين ۾ ڪهڙا ڪهڙا جشن ملهايا ويندا آهن؟
جواب : بهار جو جشن، لالٽين جو جشن ۽ البا جو جشن.
سوال 105 :ڏکڻ ايشيا جو ٻيٽائون ملڪ ڪهڙو آهي؟
جواب : سريلنڪا.
سوال 106 :سريلنڪا جا ٻه وڏا ثقافتي گروه ڪهڙا آهن؟
جواب : سنهالي ۽ تامل.
سوال 107 :سريلنڪا جو مک ِڏڻ يا تهوار ڪهڙو آهي؟
جواب : ويساڪ جو ڏينهن.
سوال 108 :يونائيٽيڊ ڪنگڊم يا يو.ڪي ڪهڙي ملڪ کي سڏيو ويندو آهي؟
جواب : برطانيه کي.
سوال 109 :برطانيه جا مشهور ِڏڻ ۽ تهوار ڪهڙا آهن؟
جواب : ڪرسمس، ايسٽر جو ڏينهن، ايڊنبرگ جو جشن ۽ سينٽ اينڊريُو جو پريڊ.
سوال 110 :برطانيه ۾ ڪهڙيون ٻوليون ڳالهايون وينديون آهي؟
جواب : انگريزي، اِسڪاٽِش، ويِلش ۽ آئِرش ٻوليون
سوال 111 :پاڪستان ۾ ڪهڙي قسم جو سماج آهي؟
جواب : گهڻ ثقافتي سماج.
سوال 112 :دنيا ۾ عام ماڻهن جي گهڻائي ڪهڙي ٻولي ڳالهائي ٿي؟
جواب : انگريزي.
سوال 113 :عيسائي مذهب جي ماڻهن جا مذهبي ِڏڻ ڪهڙا آهن؟
جواب : ڪرسِمس ۽ اِيسٽر.
سوال 114 :هندو مذهب جي ماڻهن جا مذهبي ِڏڻ ڪهڙا آهن؟
جواب : هولي ۽ ِڏياري.
سوال 115 :مسلمانن جا مذهبي ِڏڻ ڪهڙا آهن؟
جواب : عيدالفطر ۽ عيداالضحى.
سوال 116 :هر سال سنڌ ۾ ثقافت ۽ ايڪتا جو ِڏهاڙو ڪهڙي مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي؟
جواب : ڊسمبر مهيني ۾.
سوال 117 :شاه عبداللطيف جو ميلو ڪڏهن ۽ ڪٿي ملهايو ويندو آهي؟
جواب : 14 صفر تي ڀٽ شاه ۾.
سوال 118 :قلندر الل شهباز جو ميلو ڪڏهن ۽ ڪٿي ملهايو ويندو آھي
جواب : 18 شعبان تي سيوھڻ ۾۔
سوال 119 :پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ ڪهڙي آهي جيڪا اقتصادي سرشتي کي سنڀالي ٿي؟
جواب : اسٽيٽ بئنڪ.
سوال 120 :اسٽيٽ بئنڪ ڪڏهن قائم ٿي ۽ ان جو افتتاح ڪنهن ڪيو؟
جواب : 1 جنوري 1948ع تي قائم ٿي ۽ ان جو افتتاح ان وقت جي گورنر جنرل قائداعظم ڪيو هو.
سوال 121 :پالتو جانورن ۽ شين جي مٽا سٽا واري سرشتي کي ڇا چيو ويندو آهي؟
جواب : بارٽر سسٽم يعني ” شين جي بدلي شيون “.
سوال 122 :6000 ق.م کان 9000 ق.م تائين مٽا سٽا جو ايڪو ڪهڙيون شيون هيون؟
جواب : پالتو جانور.
سوال 123 :ڪاغذي نوٽ جاري ڪرڻ وارو دنيا جو پهريون ملڪ ڪهڙو هو؟
جواب : چين.
سوال 124 :پاڪستان، متحده عرب عمارتن، آمريڪا ۽ برطانيه ۾ ڪهڙا سڪا هلن ٿا؟
جواب : پاڪستان ۾ ُرپيو، متحده عرب عمارتن ۾ ِدرهم، آمريڪا ۾ ڊالر ۽ برطانيه ۾ پائونڊ.
سوال 125 :ريڊيو ڪنهن ايجاد ڪيو؟
جواب : مارڪوني. 1895ع ۾.
سوال 126 :پاڪستان جي پهرين ٽي. وي اسٽيشن ڪڏهن ۽ ڪٿي قائم ٿي؟
جواب : 1964ع لاھور ۾ ۔
سوال 127 :اسان جي ملڪ ۾ قانون ٺاهيندڙ ادارو ڪهڙو آهي؟
جواب : پارليامينٽ.
سوال 128 :پارليامينٽ جا ڪيترا ايوان آهن؟
جواب : ٻه ، 1 .مٿيون ايوان يعني سينيٽ 2 .هيٺيون ايوان يعني قومي اسيمبلي.
سوال 129 :پاڪستان ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي َء جا ڪيترا ميمبر آهن؟
جواب : سينيٽ ۾ 104 ميمبر ۽ قومي اسيمبلي َء ۾ 342 ميمبر آهن.
سوال 130 :پاڪستان ۾ اعلى عدالت ڪهڙي آهي؟
جواب : سپريم ڪورٽ.
سوال 131 :پاڪستان ۾ ڪيتريون هاء ڪورٽون آهن؟
جواب : پنج . ڪراچي ، لاھور، ڪوئيٽه ،پشاور ۽ اسلام آباد ۾.
سوال 132 :مارڪوپولو ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب : 1254ع ۾ اٽلي جي شهر وينس ۾ ڄائو.
سوال 133:ِابن بطُوطه ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب : 1304ع ۾ مراڪش جي شهر تنجير ۾ ڄائو.
سوال 134 :آمريڪا کي ڪنهن ڳولي لڌو؟
جواب : ڪرسٽوفر ڪولمبَس.
سوال 135 :ڪرسٽوفر ڪولمبَس ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب : 1451ع ۾ جينيوا اٽلي ۾ ڄائو.
سوال 136 :ڪرسٽوفر ڪولمبس ڪهڙا ٽي جهاز ساڻ ڪري سفر تي نڪتو هو؟
ِ جواب : نِينا،پنٽا ۽ سينٽا ماريا
سوال 137 :يورپ کان هندستان پهچڻ جو سامونڊي رستو ڪنهن ڳولي لڌو؟
جواب : واسڪو ڊي گاما.
سوال 138 :واسڪوڊي گاما ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب : 1460ع ۾ پورچوگال جي شهر سين ۾.
سوال : واسڪوڊي گاما ڪڏهن ۽ ڪٿي وفات ڪئي؟جواب : 23 ڊسمبر 1524ع ڪوچي ھندستان ۾
سوال 140 :سڀ کان پهرين دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايوريسٽ تي ڪير پهتو؟
جواب : َسر ايڊ منڊ هالري.
سوال 141 :سڀ کان پهرين چنڊ تي ڪنهن قدم رکيو؟
جواب : نِيل آرم اسٽرانگ 21 جولاء 1969ع تي.
سوال 142 :نِيل آرم اسٽرانگ سان گڏ ٻيو ڪير چنڊ تي گڏ پهتو؟
جواب : ايڊون ايلڊرن .
سوال 143 :نيل آرم اسٽرانگ ۽ ايڊون ايلڊرن ڪيترو وقت چنڊ تي رهيا؟
جواب : 21 ڪلاڪ.
سوال 144 :پهرين پاڪستاني عورت جيڪا مائونٽ ايوريسٽ تي پهتي ان جو نالو ڇا هو؟
جواب : ثمينا ڪيال بيگ ۔
سوال 145: انڊس ڊيلٽا ڪٿان کان شروع ٿئي ٿي ؟
جواب :ٺٽي کان

